پير معصوم شاهه جو ميلو

پير معصوم شاهه جو ميلو: پير معصوم شاهه جو ميلو هر سال23 ، 24 ۽ 25 ربيع الاول تي ڀان سيدآباد ۾ ڌام ڌوم سان ملهايو ويندو آهي. هن ميلي ۾ ملاکڙو ٿيندو آهي، جنهن ۾ نامور پهلوان حصو وٺندا آهن. هن ميلي ۾ ملاکڙي کان علاوه واپار، ڀلن ڍڳن ۽ گهوڙن جي ڊوڙ مقابلو، مختلف شين جا اسٽال، راڳ رنگ جي محفل ۽ ثقافتي شو پڻ ٿيندا آهن.


لفظ پير معصوم شاهه جو ميلوھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو